اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت آئين ۽ قانون کان مٿانهون ڪوبه ضابطو جاري نه ڪندي. توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي ۽ توانائي واري سيڪريٽري راشد محمود لنگڙيال سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته نگران حڪومت پنهنجي آئيني مينڊيٽ کان مٿانهون ڪو به قدم نه کڻندي. هن چيو ته پ??ڪستان ۾ بجلي جي وڌندڙ قيمتن ج?? عنصرن ۾ بجلي چوري سڀ کان وڏو عنصر آهي، هر سال 589 ارب رپين ج?? بجلي چوري ٿئي ٿي. توانائي جي ش??بي ۾ سڌارا وقت جي ضرورت آهن. اط??اعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اڄ جي پريس ڪانفرنس بجلي چوري بابت آهي، جڏهن ته بجلي جي بلن ۾ اضافي جي پـٺيان ٻين عملن بابت وڌيڪ ميڊيا بريفنگ ڏني ويندي. هن چيو ته نگران حڪومت ايندڙ ڏينهن ۾ بجلي جي صارفين کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن بابت به ميڊيا کي آگاهه ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪنهن وزير کي مفت بجلي فراهم نه پ??ي ڪئي وڃي. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر ۽ اي پي پي جو ايم ڊي محمد عاصم کچي به موجود هو.