اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي چارٽر موجب ڳالهين ۽ سفارتي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يوڪرين تڪرار سان ڪيترن ئي ملڪن جي معيشتن کي نقصان پهتو آهي، وزير??عظ?? پاڪستان ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو عزم پڻ ظاهر ڪيو. وزير??عظ?? آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان يوڪرين جي پرڏيهي معاملن واري وزير ديمترو ڪوليبا ملاقات ڪئي. وزير??عظ?? يوڪرين جي آزادي کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گرمجوش ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي ياد ??يو. هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو عزم ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، دفاع، تعليم ۽ ثقافت سان گڏوگڏ ڏکڻ ايشيا ۽ يوريشيا جي خطن ۾ سلامتي جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزير??عظ?? ان ڳالهه تي روشني وڌي ته يوڪرين جي تڪرار جو عالمي سطح تي وڏو اثر پيو آهي جنهن سان ڪيترن ئي ملڪن جي معيشتن کي نقصان پهتو آهي. هن گڏيل قومن جي چارٽر موجب ڳالهين ۽ سفارتي حل جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. يوڪرين جي پرڏيهي وزير وزير??عظ?? کي يوڪرين جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سندس ملڪ سدائين تعاون ۽ دوستي تي ٻڌل پراڻن ۽ خوشگوار لاڳاپن جو فائدو کنيو آهي جنهن جو گڏيل مقصد عالمي امن ۽ علائقائي استحڪام ۾ ڪردار ادا ڪرڻ آهي. واضح رهي ته يوڪرين جو پرڏيهي وزير 20 کان 21 جولاءِ 2023ع تائين پاڪستان جي دوري تي آهي.