اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صدر اله??م عليوف جي دعوت تي پنهنجي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي باڪو آذربائيجان پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب باڪو پهچڻ تي آذربائيجان جي اول نائب وزيراعظم يعق??ب ايوبوف، نائب پرڏيهي وزير النور مامادوف، پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف ۽ آذربائيجان ۾ پاڪستان جي سفير بلال حئي وزيراعظم جو شا??دار استقبال ڪيو. وزيراعظم جو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ آذربائيجان جو هي پهريون دورو آهي. وزيراعظم سڀاڻي (15 جون 2023ع) تي باڪو ۾ آذربائيجان جي قومي قائد حيدر عليوف جي مزار تي ويندو ۽ گلدستو رکندو. وزيراعظم آذربائيجان جي شهيدن جي يادگار جو پڻ دورو ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم جي صدر اله??م عليوف سان ملاقات ٿيندي. ملاقات کانپوءِ ٻئي اڳواڻ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ وزيراعظم سان آذربائيجان جي وزيرن جي وفد جي ملاقات پڻ ٿيندي. اي پي پي/ع – ک 22:49