منيٰ-30 جون (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر طلحه محمود معلم ضيوف البيت اسامه دانش کي طلب ڪري انتظامن جي حوالي سان حج پانڌيئڙن جي خدشن کان آگاهه ڪيو. رهائش، خوراڪ، و??ش رو??ز سميت ٻين معاملن تي لاڳاپيل معلم سامهون خدشا رکيا. حج پانڌيئڙن کي منيٰ، عرفات ۽ مزدلفه ۾ پيش مسئلن جي معاملي تي وفاقي وزير طلحه محمود سيڪريٽري مذهبي معاملا، سعوديه ۾ مقرر پاڪستاني سفير ۽ ڊي جي حج سان گڏ ح??اج ??رام سان ملاقاتون ڪيون. وفاقي وزير حجاج ??رام جي مسئلن کي ٻُڌي معلم ضيوف البيت اسامه دانش کي طلب ڪيو. طلحه محمود حجاج ??رام سان گڏ معلم کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو. معلم ۽ حجاج سان گڏ مختلف ڪيمپس جو دؤرو ڪيو. وفاقي وزير رهائش، خوراڪ، و??ش رو??ز سميت ٻين معاملن سميت معلم آڏو خدشا رکيا. طلحه محمود چيو ته پاڪستاني عزت ۽ محبت وارا ماڻهو آهن. منيٰ ۾ پاڪستانين جي عزت نفس کي مجروح ڪيو ويو. پاڪستاني حج پا??ڏي??ڙن کي منيٰ ۾ رهائش، کاڌي بابت شديد خدشا آهن. مان پاڪستانين جو نمائندو آهيان، پاڪستان جي حج پانڌيئڙن کي درپيش مشڪلاتن سان شديد ڏُک ٿيو آهي. طلحه محمود معلم کي هدايت ڪئي ته هو پاڪستاني حج پانڌيئڙن کي منيٰ ۾ رهائش فراهم نه ڪئي هئي انهن جا پئسا واپس ڪيا وڃن.