مڪه مڪرمه -26 جون (اي پي پي) حج جو رڪن اعظم وقوف عرفه اڄ اڱاري تي ا??ا ڪيو ويندو. سڄي دنيا مان حج جي فرض جي ا??ائگي لاءِ ڀلي پار پهتل حاجي عرفات جي ميدان ۾ حج جي سعدات حاصل ڪندا. سعودي حڪومت الله پاڪ ج?? مهمانن جي ميزباني ۽ آساني لاءِ سمورن انتظامن کي ح??مي شڪل ڏئي ڇڏي آه??. حج جو رڪن اعظم وقفوه عرفه اج اڱاري تي ٿيندو. منيٰ مزدلفه ۽ عرفات جي ميدانن ۾ حج جي رڪنن جي ا??ائگي لاءِ شاندار انتظام ڪيا ويا آه??. هر هنڌ حاجين جي رهنمائي لاءِ سعودي حڪومت طرفان فوج، پوليس ۽ رضاڪار مقرر ڪيا ويا آه??. ان موقعي تي 40 هزار ڪمانڊر، هڪ لک 25 هزار اهلڪار، 40 هزار ٽريفڪ پوليس جو عملو، سعودي عرب جي ح?? واري وزارت جا 95 هزار ملازم، شهري دفاع جا 17 هزار، حرمين ڪميٽي جا 10 هزار اهلڪار ۽ سعودي عرب جي يونيورسٽين جا 25 هزار شاگرد به حج جي خدمتن لاءِ شامل هوندا. ڊرون جهازن سميت هيليڪاپٽرن ذريعي به حج جي رڪنن جي ا??ائگي جي موقعي تي خاص نگراني جو اهتمام ڪيو ويو آه??. 160 کان وڌيڪ ملڪن جا اٽڪل 30 لک حج پانڌيئڙا اڄ اڱاري تي فجر جي نماز جي فورن بعد حج جي فرض جي ا??ائگي لاءِ عرفات جي ميدان پهچندا. عرفات جي ميدان ۾ مسجد نمره ۾ حج جو خطبو ٿيندو ۽ سمورا حاجي سڳورا ظهر ۽ عصر جي نماز گڏ ادا ڪندا. عصر ۽ مغرب وچ ۾ وقوف ٿيندو جنهن ۾ حاجي سڳورا الله جي ح??ور ٻاڏائي دعائون گهرندا. مغرب جي نماز کان اڳ عرفات جي ميدان کي ڇڏڻ جو حڪم آه??. حاجي سڳورا عرفات جي ميدان مان مزدلفه لاءِ روانا ٿيندا، اتي پهچي مغرب ۽ عشا جي نماز گڏ ادا ڪندا ۽ شيطان کي پٿريون لڳائيندا. رات مزدلفه ۾ کليل آسمان هيٺ ترسڻ بعد فجر جي نماز جي ا??ائگي بعد منيٰ ۾ پنهنجي خيمن ۾ واپس ايندا جتان شيطان کي پهرين ڏينهن پٿريون هڻڻ لاءِ جمرات ڪامپليڪس روانا ٿيندا. شيطان کي پٿريون هڻڻ بعد واپس منيٰ ۾ پنهنجي خيمن ۾ ايندا جتي قرباني بعد وار ڪترائي ا??رام کوليندا. اهڙي طرح ٻئي ڏينهن به شيطان کي پٿريون هڻڻ لاءِ جمرات ڪامپليڪس ويندا ۽ ٽئين ڏينهن به شيطان کي پٿريون لڳائي مڪي پاڪ ۾ پنهنجي رهائشگاهن ڏانهن واپس ايندا. منيٰ ۾ 3 ڏينهن ترسڻ حج جو لازمي رڪن آه??. منيٰ ۾ 3 ڏينهن ترسڻ دوران حاجين کي ڪنهن به وقت مڪي پاڪ ۾ طواف جي زيارت لاءِ وڃڻ به حج جو لازمي رڪن آه??.