اسلام آباد– 09 – مئي (اي پي پي) آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي عالمي ڪنوينشن ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل سعودي پا??ليامينٽ جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عر?? جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گولڊن جوبلي جي مناسبت سان منعقد ٿيندڙ عالمي ڪنوينشن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊپٽي اسپيڪر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي عالمي ڪنوينشن ۾ توهان جي شرڪت اسان جي لاءِ خوشي جوڳي آهي. سعودي عر?? ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لاڳاپا ڀائراڻا، ڀائيچاري، تاريخ جي مضبوط بنيادن تي قائم آهن. پاڪستان کي سعودي عر?? جي پنهنجي دوستاڻي ۽ ڀائراڻي هجڻ تي فخر آهي. پاڪستان جي پا??ليامي??ٽ ۽ عوام سعودي عر?? جي حڪومت ۽ عوام سان گهري وابستگي رکن ٿا. هن چيو ته پاڪ سعودي پا??لياماني فرينڊشپ گروپ جي وچ ۾ پا??لياماني سطح تي وفدن جي مٽاسٽا ضروري آهي. پاڪستان جي اترئين علائقن کي الله تعاليٰ تمام گهڻي خوبصورتي سان نوازيو آهي. خواهش آهي ته سعودي ڀائر پنهنجي فيمليز سان گڏ پاڪستان جي اترئين علائقن جي سير ڪن. سعودي پا??ليامينٽ جي چيئرمين چيو ته هو پاڪستان کي پنهنجو گهر تصور ڪري ٿو. پاڪستان جي عوام کان ملندڙ محبت سدائين ياد رهندي. سعودي عر?? پاڪستان جو ڏک سک جو دوست آهي جيڪو هر مشڪل گهڙيءَ ۾ گڏ بيٺل رهي ٿو. پاڪستان جي سمورن صوبن جي عوام انتهائي محبت ڪندڙ عوام آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عر?? جي وچ ۾ لاڳاپا دنيا جي لاءِ مثال آهن. پا??لياماني سطح تي رابطن جو فروغ ضروري آهي. سعودي پا??لياماني فرينڊشپ گروپ جي وچ ۾ مٽاسٽا ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.