اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن کي قوم جو اثاثو قرار ڏيندي چيو آهي ته قوم انهن جون قربانيون ڪڏهن به نه وساريندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پا??ان جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار 12 مئي جي مسلم باغ بلوچستان دهشتگرد حملي جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. صدر شهيدن جي ملڪ جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو ۽ قوم پا??ان انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن کي خراج عقيدي پيش ڪندي قوم جي لاءِ خدمتن تي انهن کي سلام پيش ڪيو. صدر شهيدن جي و??رث?? سان ڳالهه ٻولهه ڪندي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. شهيدن جي و??رث?? سان ڳالهه ٻولهه دوران صدر جون اکيُون ڳوڙهن هاريون ٿي ويون. صدر حوالدار عبدالرحيم، محمد عرفان ۽ نديم اقبال جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن اسٽينو ٽائپسٽ غلام فريد ۽ سينيٽر و??ڪر?? صابر مسيح ۽ شان مسيح جي پونئيرن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي لانس نائيڪ فهيم مشتاق ۽ سپاهي سعيد اسلم ۽ طلال جامي جي و??رث?? سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته شهيد قوم جو اثاثو آهن، قوم انهن جون قربانيون نه وساريندي. هن شهيدن جي ملڪ جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو ۽ قوم پا??ان خراج عقيدت پيش ڪيو.