اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٽيلي تعليم گهر جو خواب حقيقت بڻجڻ جي ويجهو آهي، خوشي آهي ته ٽيلي اسڪول پاڪستان ايپ تيار ڪرڻ جي ڪوشش هاڻي ثمر ??ور ٿي رهي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته شاگردن جي گهري دلچسپي جو اهو واضح ثبوت آهي ته رڳو هڪ هفتي ۾ 310 شهرن ۾ 10 هزار کان وڌيڪ ڊائون لوڊز، 5500 داخلائن ۽ 17000 وڊيوز ڏٺيون وي??ن آهن. وزيراعظم چيو ته ٽيلي تعليم گهر جو خواب حقيقت بڻجڻ جي ويجهو آهي.