ڪراچي – 08 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هر شعب?? ۾ ??ورتن جي برابر ۽ ڀرپور حصيداري کانسواءِ پاڪستان کي کي امن، خوشحالي ۽ ترقي پسند سوچ جو گهوارو بڻائڻ جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب پيپلزپارٽي چيئرمين عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته تعليم ۽ تربيت ۽ پيشيواراڻي سيڪٽرز سان گڏوگڏ سياست ۽ اعليٰ پاليسي ساز ادارن تائين هر شعب?? ۾ ??روتن جي شموليت ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته تعليم يافته ۽ خوداعتماد عورتون پاڪستان جي ترق?? ۾ ??هم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندس پارٽي عورتن جي قدر ۽ اهميت جي ??وا??ي سان منفرد تاريخ رکي ٿي ته هن پاڪستاني عورتن کي مسلم دنيا جي پهرين چونڊيل وزيراعظم سان گڏوگڏ پهريون ع??رت اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ پرڏيهي وزير جهڙا اعزاز حاصل ڪرڻ جو بنياد فراهم ڪيو آهي. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي مختصر حڪومت جي دورن جي دوران عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ صنفي برابري جي لاءِ ٺوس قدم کنيا، فرسٽ وومين بئنڪ، وومين پوليس اسٽيشنز ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام جي شروعات شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاڻ ڪئي هئي. پيپلزپارٽي چيئرمين چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجي سهيد چيئرپرسن جي مشن کي اڳتي وڌائيندي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، يونين ڪائونسل جي سطح تي ڪاروبار جي لاءِ عورتن کي بنا وياج قرضن جي فراهمي، بي ??مين ع??رت آبادگارن کي زرعي زمين جا مالڪاڻا حق ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ عورتن کي رهائشي پلاٽن جا مالڪاڻا سرٽيفڪيٽ جهڙا ڪامياب پروگرامز متعارف ڪرايا آهن. هن چيو ته عورتن بابت ڪميشن جو قيام، اينٽي وومين پريڪٽس ايڪٽ، اينٽي ايسڊ ڪرائيمز جو قانون، پروٽيڪشن آف وومين ايٽ ورڪ پليس، چائلڊ ميريجز ريسٽرينٽ ايڪٽ، سنڌ ميٽرنٽي بينيفيٽس ايڪٽ، سنڌ ايگريڪلچر وومين ورڪرز ايڪٽ، سنڌ هوم بيسڊ ورڪرز ايڪٽ، سنڌ پروموشن آف بريسٽ فيڊنگ اينڊ نيوٽريشن ايڪٽ، سنڌ چائلڊ ميرج ريسٽرينٽ ايڪٽ ۽ گهٽ عمر ڇوڪرين جي شادي جي روڪٿام جي ??وا??ي سان قانونسازي پڻ پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومتن جو شيوو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ جي اها واحد پارٽي آهي جيڪا حڪومت ۾ هجي يا اپوزيشن ۾ عورتن جي حقن جي ??وا??ي سان ڪڏهن ذريعي برابر به مصلحت جو شڪار نه ٿي. هن چيو ته اهو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خواب هو ته پاڪستاني عورتن کي زندگي جي هر شعب?? ۾ ??رابري حاصل هجي ۽ اسان ان خواب کي پورو ڪرڻ تائين سک سان نه ويهنداسين.