اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جي عدليه بچاءُ تحريڪ ملڪ جي عدل جي نظام تي چماٽ آهي. پنهنج?? ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فارن فنڊيڊ ايجنٽ، توشه ??ان?? چور، قوم جي 190 ملين جو امانت خور، القادر ٽرسٽ ??و رشوت خور، عدالتي ڀڳوڙو، گدڙ عدليه بچائڻ نه پر پنهنجي ڏوهن کان فرار جي لاءِ عدليه کان بچڻ ??ڪتو آهي. هن چيو ته عدليه نواز شريف جهڙو شينهن ليڊر بچائيندو آهي، پوليس جي ڊپ کان ٻرِ ۾ لڪي ويندڙ گدڙ نه آهي. پنهنجي چورين ۽ ڏوهن تي ”عدليه کان بچايو“ تحريڪ جي پٺيان نه لڪو، عدليه کي تڏهن بچائڻو هو جڏهن ثاقب نثار کي ڪوڙي صادق ۽ امين سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي لاءِ فون ڪندو هو.