اسلام آباد– 14 – فيبروري (اي ??ي پي) پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري اس??ام آباد ۾ شام جي سفارتخاني وڃي پاڪستان ۾ شام جي سفير سان پاڪستان پاران شام ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي تي افسوس جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير شام ۾ زلزلي سان ٿيندڙ قيمتي جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن ??ام?? سفارتخاني ۾ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ قلمبند ڪيا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مشڪل جي گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ??ام?? حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن.