اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري چيو آهي ته پاڪستان ??و آئين شهرين جي حقن، وفاق ۽ اڪائين جي اتحاد جو ضامن آهي، ملڪي سلامتي ۽ ترقي آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني ۾ ئي آهي، آئين سمورين صوبائي اڪائين کي ??ڏ کڻي هلي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهداءِ ??مهوريت جي ياد ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي جي سلسلي ۾ تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ ۽ قوم کي 1973ع جو متفقه آئين ڏنو، 1973ع ??و آئين قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ام??نت آهي، ملڪ ??و آبادگار ۽ مزدور طبقو اڄ به شهيد ڀٽو کي ياد ڪري ٿو، هو ملڪ جي غريب طبقي ??و آواز بڻيو. هن چيو ته هر آمراڻي دور ۾ پاڪستان جي آئين جي لاءِ ڏکيو ام??حان رهيو، اڄ اسان جنهن وقت مان گذري رهيا آهيون اهو به هڪ ام??حان آهي، ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني ۾ ئي آهي، ملڪ آئين تحت هلندو ته عوام کي ان جا حق ملندا. پرڏيهي وزير چيو ته تاريخ گواهه آهي ته جڏهن به آئين جي خلاف فيصلا ٿيا ملڪ کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، ملڪ کي تازين مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ ??مورين سياسي پارٽين کي متحد ٿي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان ??و آئين شهرين جي حقن، وفاق ۽ اڪائين جي اتحاد جو ضامن آهي، ملڪ آئين تحت هلندو ته عوام کي ان جا حق ملندا، تاريخ گواهه آهي ته جڏهن به آئين ٽوڙيو ويو ملڪ کي نقصان کڻڻو پيو.