اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته علم ۽ جديد مها??تن کي حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ نوجوانن ۾ اخل??قي قدرن ۽ همدر??يء?? جي جذبن کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان کي مسئلن مان ڪڍڻ جي ل??ءِ ملڪي قيادت کي وقت سر ۽ تيز فيصلا ڪرڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ جي شاگردن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر شاگردن کي علم حاصل ڪرڻ ۽ پاڻ کي جديد مها??تن سان ليس ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته جديد ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ روبوٽڪس وغيره جهڙن شعبن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏنو وڃي. هن شاگردن تي زور ڏنو ته اهي علم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ديانتداري، اخلاقيات ۽ قدر اختيار ڪندي پنهنجي اندر معاشري جي ڪمزور طبقن جي خدمت ۽ همدر??يء?? جو جذبو پيدا ڪن. صدر چيو ته ملڪ کي معاشي ۽ مالي بحران مان ڪڍڻ جي ل??ءِ ملڪي قيادت کي وقت سر ۽ تيز فيصلا ڪرڻا پوندا. جڏهن ته ملڪ کي تيز رفتار ترقي جي رستي تي وجهڻ جي ل??ءِ ديانتدار قيادت لازمي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پرائمري سطح تي داخلائن جي شرح رڳو 68 سيڪڙو آهي جڏهن ته خطي جي ٻين ملڪن ۾ اها شرح 98 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ جي ل??ءِ قدمن جي ضرورت آهي.