اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي ماحوليات پروگرام پاران ٿيندڙ ڪم کي سا??اه??ندي ماحولياتي تبديلين، حياتياتي تنوع جي نقصانن ۽ ماحولياتي نظام ۾ ٿيندڙ تبديلين کي وڌيڪ مو??ر طريقي سان حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن کي وڌائڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي ماحوليات پروگرام جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر (يو اين اي پي) اينگر اينڊرسن ملاقات ڪئي. اينگر اينڊرسن پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي. وزيراعظم چيو ته ماحولياتي تبديلي اڄ وڏن مسئلن مان هڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ڀرپور قدم کن??ا. اينگر اينڊرسن وزيراعظم کي يو اين اي پي پاران پاڪستان ۾ کن??ل قدمن تي بريفنگ ڏني ۽ يو اين اي پي ۾ پاڪستان جي فعال ڪردار کي سا??اه??و. وزيراعظم چيو ته يو اين اي پي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ بحالي جي ڪوششن ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏي.