اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين اسان جو پراڻو دوست آهي جنهن هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، سي پيڪ تحت اربين ڊالر جي ترقياتي منصوبن ۾ سيڙپڪاري، چين جي پاڪستان سان دوستي جو واضح ثبوت آهي، چيني ڪمپنيون حڪومت جي سولرائيزيشن منصوبي ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??ان سي اي او ايس ڪي هائيڊو جي سربراهي ۾ چيني ڪمپني جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم چيني ڪمپني جي پاڪستان ۾ پن بجلي منصوبن ۾ ڪم کي ساراهيو. وزيراعظم چيني ڪمپني کي حڪومت جي سولرائيزيشن جي منصوبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. وفد وزيراعظم کي ڪمپني پاران سولرائيزيشن جي حوالي سان 600 ميگاواٽ جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي کان آگاهه ڪيو جنهن جي وزيراعظم ??جيان ڪئي. چيني وفد وزيراعظم کي ٻوڏ سٽي??ن جي بحالي لاءِ 1 لک ڊالر جو امداد چيڪ پڻ ڏنو. وزيراعظم چيني ڪمپني جي ٻوڏ سٽي??ن جي مدد جي ??ذب?? کي ساراهيو.