اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ساهيوال مان مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر محمد اشر?? جي گرفتاري جي سخت مذمت ??ند?? چيو آهي ته اها گرفتاري سياسي انتقام آهي، اينٽي ڪرپشن پنجا?? کي سياسي مخالفن جي خلاف استعمال ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ وزيراعظم چيو ته عمران خان جي چوڻ تي اينٽي ڪرپشن پنجا?? کي سياسي انتقام جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، پي ٽي آءِ اڄ به بدترين سياسي انتقام جي پنهنجي منفي روش تي ڪاربند آهي، چار سال توهان اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏسي چڪا آهيو، سياسي انتقام جو ملڪ ۽ عوام کي ناقابل تلافي نقصان ٿيو. هن چيو ته نيب، ايف آءِ اي وانگر هاڻي اينٽي ڪرپشن پنجا?? کي سياسي مخالفن جي سياسي استعمال ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت آهي، سياسي انتقام سان مخالفن کي ڌمڪائڻ بدران عوامي مسئلن تي ??يا?? ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم گرفتار قومي اسيمبلي ميمبر محمد اشرف سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.