اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پهرين نومبر کان چين جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سميت اعليٰ سطحي وفد به ساڻس گڏ هو??دو. وزيراعظم کي ان دوري جي دعوت عوامي جمهوريه چين جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ ڏني آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن سال اپريل ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو چين جو پهريون دورو هو??دو، وزيراعظم 16 سيپٽمبر 2022ع تي ازبڪستان ۾ چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي هئي. چين جي ??ميونسٽ پارٽي جي تاريخي 20 هين نيشنل ڪانگريس جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظ?? چين جو دورو ڪندڙ اولين اڳواڻن ۾ شامل آهي. بيان موجب وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ قيادت جي سطح جي مٽاسٽا جي تسلسل جو اظهار آهي. وزيراعظم دوري دوران صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو ۽ و??يراعظم لي ڪي چيانگ سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دوري دوران ڌريون گڏيل اسٽريٽجڪ تعاون جي حصيداري جو جائزو وٺنديون ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ??ي وٺ ڪندا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان دوري ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ??يترين ئي ياداشتن / معاهدن تي صحيحن جو امڪان آهي جڏهن ته وڏي پئماني تي ٻطرفي تعاون جي ايجنڊ?? کي اڳتي وڌائڻ ۽ سي پيڪ جوائنٽ ڪوآپريشن ڪميٽي جي 27 آڪٽوبر تي ٿيندڙ 11 هين اجلاس جي ??س ۾ سي پيڪ تعاون جي رفتار کي مستحڪم ڪرڻ جي پڻ اميد آهي.