قمبر شهدادڪوٽ – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امداد جي رقم 28 ارب مان وڌائي 70 ارب رپيا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هر متاثر خاندان تائين شفاف طريقي س??ن امداد پهچندي، ٻوڏ سبب فصل تباهه ٿيا، ماڻهو بي گهر ٿيا، عالمي برادري پاران امداد تي ٿورا مڃون ٿا، هي وقت سياست جو نه ٻوڏ متاثرين جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. قمبر شهدادڪوٽ ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ قائم ڪيل امدادي ڪئمپ جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ت?? ٻوڏ متاثر علائقي جو فضائي جائزو ورتو آهي، هر طرف پا??ي ئي پا??ي آهي، ٻوڏ سبب تمام گهڻي تباهي ٿي آهي. سنڌ حڪومت متاثرين جي مدد جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي متاثرين جي مدد جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينديون. وزيراعظم چيو ت?? حڪومت ٻوڏ کان متاثر خاندانن کي 25 هزار رپين جي امداد جو سلسلو بلوچستان کان شروع ڪيو. سمورن متاثر علائقن ۾ امداد جي لاءِ 28 ارب رپيا رکيا ويا هئا پر ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙ خاندانن جو انگ تمام وڌيڪ آهي، ان لاءِ وفاقي حڪومت اها رقم 70 ارب رپين تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شفاف طريقي س??ن اها امدادي رقم بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي ورهائي ويندي. وزيراعظم چيو ت?? ٻوڏ سان ڪپهه، چانور ۽ کجور سميت مختلف فصلن جو ت??ام گهڻو ن??صا?? ٿيو آهي. سنڌ ٻوڏ کان تمام گهڻي متاثر ٿي آهي. يو اي اي، قطر، ترڪيءَ، سعودي عرب، چين، آمريڪا، ايران سميت سمورن دوست ملڪن جا ٿورا مڃون ٿا جن پا??ستان جي هن مشل گهڙيءَ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي آهي. هر ڏينهن مختلف ملڪن جا جهاز امدادي س??ما?? کڻي پهچي رهيا آهن. ترڪيءَ پاران امدادي س??مان سان ڀريل 4 ٽرينون روانو ڪيون ويون آهن. پرنس ڪريم آغا خان جي پٽ پڻ 10 ملين ڊالر جي امداد جو اعلان ڪيو آهي. چين به امدادي رقم وڌائي ڇڏي آهي. وزيراعظم چيو ت?? متاثر علائقن ۾ ريليف ۽ بحالي جي س??گرمين جي لاءِ پا?? فوج ڀرپور مدد ڪري رهي آهي. هن مشڪل گهڙيءَ ۾ سياست نه ڪرڻ گهرجي سڀني کي گڏجي متاثرين جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. ان کان اڳ وزيراعظم ٻوڏ متاثرين ۾ امدادي چيڪ ورهايا. وزيراعظم کي قمبر شهدادڪوٽ ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ ن??صا??ن ۽ ريليف ۽ بحالي جي س??گرمين بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ت?? منڇر ڍنڍ جو ليول تمام گهڻو وڌي ويو آهي. مناسب جاين تي بند ٽوڙي پا??ي جي مقدار کي گهٽ ڪيو ويو آهي. علائقي ۾ پا??ي ڪڍڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت جي مدد جي ضرورت آهي. ٻوڏ سبب فصلن جو ت??ام گهڻو ن??صا?? ٿيو آهي جڏهن ته ڪچا گهر ڊهي پيا آهن. پا??ي بيٺل هجڻ سبب وبائي مرض پکڙجي رهيا آهن. ڪيترن علائقن جو زميني رابطو ڪٽجي وڃڻ جي ڪري امدادي س??گرمين ۾ مشڪلاتون درپيش آهن. متاثرين تائين پڪل کاڌو پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ٻوڏ سان 7 تعلقا ۽ 9 کان 13 لک ماڻهو ت??ام گهڻا متاثر ٿيا آهن. وزيراعظم کي متاثر علائقي جي فضائي معائني دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهين ۽ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي س??گرمين بابت بريفنگ ڏني.