سرينگر – 31 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قائد حريت ۽ تحريڪ آزادي ڪشمير جي علامت سيد علي گيلاني سدائين ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب حل ڪ??ڻ جي وڪالت ڪئي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب سيد علي گيلاني سڄي زندگي ڄمون ۽ ڪشمير جي عو??م جي خودمختياري جو حق حاصل ڪ??ڻ جي لاءِ جدوجهد ڪئي. پنهنجي ڪيترين ئي ت??ريرن ۽ خطابن ۾ هن چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي ۽ ڪشميرين کي اهو فيصلو ڪ??ڻ جي اجازت هجڻ گهرجي ت?? اهي ڀارت سان گڏ رهڻ چاهين ٿا يا پاڪستان سان الحاق ڪرڻ چاهين ٿا. هن جو چوڻ هو ته ڪشميري ڀارت کان عليحدگي جو مطالبو نه ڪري رهيا آهن پر ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي چاهين ٿا جيڪو ڪڏهن ڀارت جو حصو ناهي رهيو.