اسلام آباد– 31 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات وچ ۾ انساني همدردي جي بنياد تي قائم ڪيل فضائي پل جي تسلسل ۾ اربع ڏيهن ??يڊول جي پهرين امدادي اڏام نور خان ايئر بيس راولپنڊي پهچي وئي آهي. پرڏيهي آفيس موجب ايندڙ امدادي اڏام اڄ رات نور خان ايئر بيس تي پهچڻ جي اميد آهي. ترجمان ٻڌايو ت?? گذريل ٽن ڏينهن ۾ متحده عرب امارات کان 7 امدادي اڏا??ون پاڪستان پهتيون آهن ??نهن ۾ کاڌي پيتي جون شيون، طبي سامان ۽ خيما ش??مل آهن. ترجمان چيو ت?? پاڪستان بحران جي هن گهڙي ۾ متحده عرب امارات طرفان فراهم ڪيل امداد جي آجيان ڪري ٿو.