نيويارڪ – 19 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چي?? آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي گڏيل قومن جي چارٽر، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل سان ئي ممڪن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسي??بل?? جي صدر ۽ مالديپ جي پرڏيهي وزير عبدالله شاهد سان مالقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. پرڏيهي وزير دنيا کي درپيش پراڻي ۽ نئين چئلينجن جي حل جي لاءِ جنرل اسي??بل?? جي صدر جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جيڪو جي 77 جي صدارت ڪري رهي?? آهي، جي صدارت ڪري رهي?? آهي، جنرل اسي??بل?? ۾ ترقي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ محنت ڪم ڪي?? آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ جي 77 عالمي غذائي بحران، ڪوويڊ ويڪسين جي برابر ورڇ، ان وبا مان نڪرڻ جي لاءِ مالي وسيلن جي فراه??ي، ماحوليات جي حوالي سان مالي معاونت جي فراهمي ۽ اسرندر ملڪن ۾ پائيدار انفراسٽرڪچر جي لاءِ سيڙپڪاري وڌائڻ جي اميد رکن ٿا. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن جي عمل جي اهميت تي زور ڏيندي پرڏيهي وزير ان معاملي تي ڪو به فيصلو گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن جي اتفاق راءِ سان ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن گڏيل قومن جي جنرل اسي??بل?? پاران 15 مارچ کي اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن ملهائڻ جي قدم کي ساراهيو ۽ ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان اسلامو فوبيا جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسي??بل?? سان گڏجي متفقه پلان جي تياري ۾ تعاون ڪندو. پرڏيهي وزير 5 آگسٽ 2019ع کان والايرل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران ڪيل غيرقانوني ۽ هڪ طرفو قدم واپس وٺڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير جنرل اسي??بل?? جي صدر کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني حدبندين بابت پڻ آگاهه ڪيو جن جو مقصد والاريل علائقي جي آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ آهي.