اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان للا کان جهل?? ڊوئل ڪيرج وي منصوبو ايندڙ سال مارچ 2023ع ?? مڪمل ڪرڻ، منصوبي جو پهريون فيز للا انٽرچينج کان پنڊ دادن خان ۽ ٻيو فيز مصري موڙ کان بخاري چوڪ هلندڙ سال جون ۾ مڪمل ڪرڻ ۽ پنجاب جي ترقياتي بجيٽ ۾ منصوبي جي لاءِ فنڊز رکڻ جي خاص هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم اها هدايت لاهور جي دوري دوران پنجاب ۾ ترقياتي بجيٽ جي حوالي سان خصوصي اجلاس ۾ ڏني. وزيراعظم کي للا کان جهل?? ڊوئل ڪيرج وي منصوبي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظ?? للا کان جهل?? ڊوئل ڪيرج وي منصوبو ايندڙ سال مارچ 2023ع ?? مڪمل ڪرڻ جڏهن ته منصوبي جو پهريون فيز انٽرچينج (ايم 2) کان پنڊ دادن خان (تعلقو پنڊ دادن خان) ۽ ٻيو فيز مصري موڙ کان بخاري چوڪ (تعلقو جهلم) هلندڙ سال جون تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته منصوبي تي ڪم تيزي سان جاري آهي جيڪو مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم منصوبي تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ منصوبي کي عملي شڪل ڏيڻ تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري ??وا?? حسين جي ڪوششن کي ساراهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري ??وا?? حسين وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جا پنجاب جي ترقياتي فنڊز ۾ للا کان جهل?? ڊوئل ڪيرج وي جي تعمير لاءِ فنڊز رکڻ ۽ منصوبي ۾ خصوصي دلچسپي وٺڻ تي ٿورا مڃيا. اجلاس ۾ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.