برسلز – 08 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان بيلجيم ۽ پاڪستان يورپي يونين حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جي ايس پي پلس بابت گڏيل قومن جي 27 هين ڪنوينشن تي مڪمل عملدرآمد جي لاءِ پُرعزم آهي، افغ??نس??ان کي ??نس??ني بحران کان ڪڍڻ لاءِ عالمي تعاون تمام گهڻو ضروري آهي، اها ڳالهه هن برسلز ۾ بيلجيم جي پ??رليامينٽ سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ يورپي پ??رليامينٽ جي ميمبرن جي وفد سان ملاقات دوران ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان جا بيلجيم ۽ يورپي يونين سان ٻطرفا لاڳاپا، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي اڳڀرائي سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير پارليامينٽ جي ميمبرن کي يورپي يونين ۽ ان جي سڀني ميمبر ملڪن سان پاڪستان جي خوشگوار ۽ دوستاڻي لاڳاپن جي باري ۾ آگاهه ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ يورپي يونين جون 2019ع ۾ اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان (ايس اي پي) تي صحيحون ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ملي. پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اهڙو ميڪنزم ۽ ڊائيلاگ فريم ورڪ موجود آهي جنهن جي ذريعي گڏيل دلچسپي جي سڀني معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته سيڙپڪاري واپار، ۽ اقتصادي تعاون، يورپي يونين ۽ بيلجيم سان پاڪستان جا ڊگها لاڳاپا هڪ اهم جز آهن. جي ايس پي پلس گڏيل طور تي اهڙو فائدي وارو قدم رهيو آهي جنهن پاڪستان ۽ يورپي يونين جي گڏيل واپار کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستان جي ايس پي پلس بابت گڏيل قومن جي 27 هين ڪنوينشن تي مڪمل عملدرآمد لاءِ پُرعزم آهي، هن چيو ته ٻطرفي تعاون جي نون موقعن جي فراهمي ۾ پارليامينٽ جي موثر ڪردار ج?? ذڪر ڪندي پ??ڏيهي وزير پاڪستان بيلجيم ۽ پاڪستان يورپي يونين حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورتن تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير وفد جي ميمبرن کي 15 آگسٽ کانپوءِ افغ??نس??ان مان غير ملڪي ماڻهن، سفارتڪارن، عالمي ادارن جي عملي ۽ ميڊيا جي نمائندن جي محفوظ طريقي سان ڪڍڻ ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار ج?? باري ۾ آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ويجهو پاليسي هجڻ جي ناطي پ??ڪستان افغ??نس??ان ۾ معيشت جي بحالي ۽ ڊگهي امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته افغ??نس??ان کي ??نس??ني بحران مان ڪڍڻ، پناهگيرن جي نئين لهر کي روڪڻ، افغ??نس??ان کي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهه بڻجڻ کان بچائڻ، ۽ افغان پناهگيرن جي عزت ۽ وقار سان پنهنجي وطن واپسي جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ، عالمي تعاون گهڻو ضروري آهي. پاڪستان عالمي برادري جو ڌيان افغ??نس??ان جي پوئتي پيل اقتصادي صورتحال ۽ تيزي سان اڀرندڙ ??نس??ني بحران ڏانهن ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ 19 ڊسمبر تي او اءِ سي جي پ??ڏيهي وزير ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، پرڏيهي وزير يورپي پ??رليامينٽرينز کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران جاري، ??نس??ني حقن جي سنگين پائمالين کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير سان ملاقات لاءِ آيل بيلجيم پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ يورپي يونين جي ميمبرن پاڪستان جي بيلجيم ۽ يورپي يونين سان لاڳاپا وڌائڻ جي عزم ۽ علائقائي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ تي پ??ڏيهي وزير ج?? ٿورو ادا ڪيو. وفد افغ??نس??ان مان غير ملڪي ماڻهن جي محفوظ طريقي سان نڪرڻ، افغان عوام کي ??نس??ني امداد جي فراهمي لاءِ عالمي ڪوششن جي ڏس ۾ پاڪستان جي متحرڪ ۽ مثبت ڪردار کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۽ بيلجيم جي وچ ۾ پارلياماني رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.