اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي دوري تي آيل افغانستان جي عبوري حڪومت جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي جُون پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ??ريشي سان پرڏيهي وزارت ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون. هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين، واپار واري صلاحڪار رزاق دائود سميت پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، افغانستان جي لاءِ پاڪستان جو خصوصي نمائندو ايمبيسڊر محمد صادق، افغانستان ۾ پاڪستان جو سفير منصور احمد خان ۽ پرڏيهي وزارت جا سينيئر آفيسر پڻ موجود ??ئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير ان موقعي تي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند اهي، پاڪستان ويجهو پاڙيسري هجڻ جي ناطي افغانستان ۾ گذريل 40 سالن کان جاري جنگ ۽ بدامني سبب سخت متاثر ٿيو آهي. شاهه محمود ??ريشي چيو ته پاڪستان گذريل چار ڏهاڪن کان 30 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪندو اچي رهيو آهي. هن چيو ته افغانستان کي معاشي ۽ انساني بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ پاڪستان مسلسل عالمي برادري کان فوري امداد ۽ مثبت ڪردار جي گهرج ڪندو آيو آهي، پاڪستان محدود ??سيلن جي باوجود افغان ڀائرن جي انساني معاونت، دوائن ۽ خوراڪ جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪر?? جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير ان نازڪ موڙ تي افعانستان جي اندر ۽ ٻاهر امن مخالف عنصرن تي سخت نظر رکڻ جي تاڪيد ڪئي. پرڏيهي وزير افغان وف?? کي ٽرائيڪا پلس اجلاس ۾ شريڪ روس، چين ۽ آمريڪي نمائندن خاص طور تي افغانستان سان ٿيندڙ ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اسان جي خواهش آهي ته افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ايندڙ اجلاس ۾ افغانستان جي عبوري حڪومت جي نمائندن کي پڻ گهرايو وڃي پرڏيهي وزير افغان وف?? کي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ واپاري رابطن، واپاري لنگهه ۾ فراهم ڪيل سهولت ۽ انساني معاونت جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. افغانستان جي عبوري حڪومت جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي افغانستان کي انساني بحران مان ڪڍڻ ۽ عالمي برادري جو ڌيان افغانستان جي خراب ٿيل اقتصادي صورتحال طرف ڇڪرائڻ تي پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا.