اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ناليواري سائنسدان ۽ محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪ??دي چيو آهي ته ملڪ کي ائٽمي رياست بڻائڻ جي حوالي سان سندس اهم ڪردار جي لاءِ پوري قوم ڊاڪٽر عبدالقدير خان سان محبت ڪري ٿي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ و??يراعظم عمران خان تعزيت جو اظهار ڪ??دي چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان اسان کي پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڏي پاڙيسري ۽ ائٽمي رياست جي جارحيت کان تحفظ فراهم ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي عو??م جي لاءِ هو هڪ قومي هيرو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي سندس خواهش موجب فيصل مسجد جي اڱ?? ۾ دفن ڪيو ويندو. هن ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪ??دي انهن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪ??و.