اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بل اينڊ ميلنڊاگيٽس فائونڊيشن (BMGF)جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس کي ٽيليفون ڪئي ۽ پوليو جي خاتمي جي ڪوششن ۽ پا??ستان ۾ غذايت ۽ مالي خدمتن کي بهتر بڻائڻ ل??ءِ فائونڊيشن جي تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم بل گيٽس کي پوليو جي خاتمي ل??ءِ پاڪستان جي مسلسل اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ۽ بي ايم جي ايف پاران فراهم ڪيل مدد کي ساراهيو. هن چيو ته ملڪ ۾ هن سال وائلڊ پوليو وائرس جو صرف هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي ۽ وائلڊ پوليو وائرس جا مث??ت ماحولياتي نمونا ڪافي حد تائين گهٽ ٿيا آهن، وزيراعظم چيو ته مث??ت اڳڀرائي جي باوجود مقصدن کي حاصل ڪرڻ ل??ءِ اڃان به ڪم جاري آهي، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت ملڪ ۾ هر قسم جي پوليو جي خاتمي ل??ءِ پرعزم آهي. بل گيٽس وزيراعظم جي عزم جي واکاڻ ڪئي ۽ فائونڊيشن پاران پا??ستان ۾ پوليو پروگرام کي جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بنائي سگهجي ته پا??ستان ۾ ڪنهن به ٻار کي پوليو وائرس جو خطرو نه ٿئي.
بل گيٽس وزيراعظم جي قيادت ۾ آگسٽ ۾ پوليو جي وڌيڪ خطرن وارن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن سان گهرايل اجلاس جي ڏس ۾ مث??ت ڪوششن ۽ ان جي اثرن کي ساراهيو. وزيراعظم ۽ بل گيٽس افغانستان ۾ صحت جي نظام جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪيو جيڪو پا??ستان سان پوليو جو شڪار دنيا جو ٻيو ملڪ آهي، هن ان بيماري جي خاتمي ل??ءِ افغانستان ۾ پوليو جي مهم ٻيهر شروع ڪرڻ جي اهميت ۽ پوليو جي خاتمي ل??ءِ پاڪستان جي تازي ڪاميابي جي حفاظت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
وزيراعظم چيو ته افغانستان جي اڌ کان وڌيڪ آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي گذاري رهي آهي ۽ ان کي مالي مدد جي ضرورت آهي. هن بل گيٽس کي درخواست ڪئي ته هو افغان عوام کي انساني همدردي جي بنياد تي امداد فراهم ڪرڻ تي غور ڪري، بل گيٽس وزيراعظم کي پا??ستان ۾ ڪووڊ – 19 ويڪسين جي تياري ۾ مبارڪباد ڏني ۽ فائونڊيشن پاران احساس پروگرام سميت حڪومت جي انتظام هيٺ پروگرامن جي مسلسل حمايت جو ذڪر ڪيو جيڪو غربت کي گهٽ ڪرڻ ۽ ڪارانداز جي ڪري قومي بچت پروگرام جي ڊجيٽلائيزشن ل??ءِ شاندار اڳڀرائي ڪري رهيو آهي. بل گيٽ پا??ستانين جي صحت ۽ ڀلائي ل??ءِ گيٽ فائونڊيشن جي ذريعي مسلسل تعاون جي آڇ ڪئي، وزيراعظم بل گيٽ جو پا??ستان سان فائونڊيشن جي قابل قدر سهڪار تي ٿورو ا??ا ڪيو.