اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين هزاره جرنلسٽس ايسوسيئيش?? جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته حڪومت اظهار جي آزادي جي بنيادي ۽ جمهوري حق تي پڪو يقين رکي ٿي، آزاد، فعال ۽ متحرڪ ??يڊ??ا جمهوريت جي مضبوطي ۽ جمهوري قدر?? جي فروغ لاءِ لازمي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته صحافين ۽ ??يڊ??ا ورڪرز جي حق?? جي تحفظ لاءِ ??ڪومت سمورا ممڪن قدم کڻي رهي آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اميد آهي ته نوان چونڊيل ميمبر صحافي برادري جي مسئل?? جي حل ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ عالمي برادري ۾ پاڪستا?? جي بهتر اميج کي اجاگر ڪندا. اطلاعات واري وفاقي وزير هزاره جرنلسٽس ايسوسيئيش?? جي نئين چونڊيل صدر تيمور جدون، جنرل سيڪريٽري لقمان شاهه، چيئرمين وقار عباسي، سرپرست اعليٰ وقار فاني، فنانس سيڪريٽري شاڪر عباسي، نائب صدرن عمر حيات، حاجي وحيد، جوائنٽ سيڪريٽري چنگيز جدون، نواز احمد، سيڪريٽري اطلاعات ارشد خان تنولي ۽ گورننگ باڊي جي ميمبرن کي نئين ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني.