اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ت?? پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياس??ن جي وچ ۾ رابطن جي لاءِ مستحڪم، پرامن ۽ خوشحال افغانستان لازمي آهي، پاڪستان افغانستان ۾ هڪ اهڙي ح??ومت چاهي ٿو جنهن ۾ افغانستان جي سمورن طبقن جي نمائندگي هجي. اها ڳالهه هن ازبڪستان جي سفير ايبڪ عارف عثمانوف سان ڳالهائيندي چئي جنهن اطلاعات واري وفاقي وزير سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ فائديمند شعبن ۾ تعاون سان پوري خطي ۾ موقعن ۽ خوشحالي جون نيون راهون کلنديون. هن چي?? ته ڪراچي ۽ تاشقند جي وچ ۾ ريل ٽريڪ جي تعمير ۽ پاڪستان مان وچ ايشيائي رياستن سان رابطي جو خواب رڳو افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته پاڪستان پنهنجي ڀائر ملڪ سان خوشگوار ٻطرفن لاڳاپن مان لطف اندوز ٿي رهيو آهي ۽ تاشقند سان سمورن علائقائي مسئلن خاص طور تي افغانستان ۾ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن چي?? ته وزيراعظم عمران خان جي تازي تاشقند جي دوري سان ٻطرفن لاڳاپن کي هڪ نئين سگهه ملي آهي، ٻ??هي ڌرين گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ گهڻ رخي ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو آهي. هن چي?? ته پاڪستان افعانستان ۾ هڪ اهڙي ح??ومت چاهي ٿو جنهن ۾ افغانستان جي سمورن طبقن جي نمائندگي هجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته ازبڪستان هڪ اهم وچ ايشيائي ملڪ آهي ۽ ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ گهرن ثقافتي لاڳاپن سان عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ملندو. واضح رهي ت?? پاڪستان ۽ ازبڪستان مغل شهنشاهه ظهيرالدين بابر ۽ اردو جي مشهور شاعر اسد الله خان غالب جي زندگين تي فلم ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ان ڏس ۾ تجويز وزيراعظم جي ازبڪستان جي دوري دوران غور هيٺ آئي. ملاقات دوران ان ڳالهه تي اتفاق ٿي?? ته ان منصوبي جي شروعات جي لاءِ ماهرن جو هڪ گروپ جوڙيو ويندو. ان موقعي ت?? ازبڪستان جي سفير افغانستان ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيندي چي?? ته ڪابل ۾ هڪ اهڙي ح??ومت هجڻ گهرجي جنهن ۾ افغانستان جي سمورن گروپن جي نمائندگي هجي. هن ازبڪستان جي تاريخي جاين ثمرقند، بخاره ۽ صوفي ازم تي دستاويزي فلمون پي ٽي وي ت?? ٽيلي ڪاسٽ ڪرڻ جي تجويز کانسواءِ ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ هر قسم جي سياحت جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا.