اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ جاري اهم منصوبن کي ترجيحي بنياد?? تي مڪمل ڪرڻ، يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم کي يقيني بڻائڻ ۽ وفاق پاران مهيا ڪيل مالي وسيلن جي بهترين استعمال جي لاءِ نظام جوڙڻ جي ??دا??ت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ سان لاڳاپيل معامل?? تي جائزه ا??لاس ٿيو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، منصوبابندي ڪميشن جي دپٽي چيئرمين ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته هلندڙ مالي سال 22 – 2021ع جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن کي ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ 168 منصوب?? تي عملدرآمد جي لاءِ 42 ارب رپيا رکيا ويا آهن. انهن منصوبن ۾ 29 ارب رپيا ماليت جا 128 جاري منصوبا جڏهن ته 12 ارب رپيا ماليت جا 40 نوان منصوبا شامل آهن. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ??دا??ت ڪئي ته ا??ليٰ تعليم جي فروغ لاءِ جاري اهم منصوبن کي ترجيحي بنياد?? تي مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم ملڪي وسيلن جي موثر استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي مدد سان هلندڙ وظيفن جي پروگرام جو جائزو وٺڻ جي ??دا??ت ڪئي. وزيراعظم صوبن ۾ وفاقي حڪومت جي معاونت سان هلندڙ مختلف يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليمي معيار کي يقيني بڻائڻ ۽ وفاق پاران مهيا ڪيل مالي وسيلن جي بهتر استعمال جي حوالي سان نظام جوڙڻ جي پڻ ??دا??ت ڪئي. هن تعليمي نظام ۽ يونيورسٽين جي حوالي سان پڻ جزا ۽ سزا جو نظام متعارف ڪرائڻ جي ??دا??ت ڪئي ته جيئن اعليٰ تعليم جي فروغ جي لاءِ حڪومتي پاليسين کي موثر طريقي سان لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم فني ۽ پيشيواراڻي تعليمي نظام جي فروغ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن ??وج??انن کي جديد دور جي گهرجن موجب علم ۽ هنر سان ليس ڪري موجود موقعن مان فائدو کڻڻ جي قابل بڻائي سگهجي.