اسلام آ??اد – 16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آ??اد ۾ قبضن جي مڪمل خاتمي لاءِ ٺوس ۽ منظم پلان جوڙيو وڃي، وڻڪاري ۽ گرين ايرياز جي تحفظ جي مهم ۾ مقامي ماڻهن جي ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ مراعتون ڏيڻ تي غور ڪيو وڃي. هن اها هدايت وفاقي گادي واري شهر سان لاڳاپيل معاملن تي ا??لاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، سي ڊي اي معاملن بابت خاص مددگار علي نواز اعواڻ، سي ڊي اي چيئرمين عامر علي ا??مد، ايم اين اي راجا خرم نواز ۽ لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اسلام آ??اد ۾ قبضن ۽ ان جي خلاف جاري ڪارروائي تي بريفنگ ڏيندي سي ڊي اي چيئرمين ٻڌايو ته قبضن جو وڏو سبب متفقه ريگوليٽري فريم ورڪ جي کوٽ آهي ڇو ته سي ڊي اي، رجسٽرار سوسائيٽين ۽ ايس اي سي پي جي وچ ۾ ورهايل آهي، وزيراعظم سمورن قاعدن ۽ بلڊنگ بائي لاز کي ??وث?? طور لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ مضبوط ۽ واحد ريگوليٽري باڊي جي اهميت تي زور ڏنو. هن هدايت ڪئي ته وفاقي گادي واري شهر ۾ قبضن جي شڪايت جي مڪمل خاتمي لاءِ ٺوس ۽ منظم پلان جوڙيو وڃي ۽ ان حوالي سان ا??وا?? قدمن کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڊرونز سميت جديد ٽيڪنالاجي کي ا??تعمال ۾ آندو وڃي. وزيراعظم وڏي پئماني تي وڻڪاري مهم جي ذريعي ا??لام آ??اد جي ماحول جي حفاظت تي زور ڏنو. هن هدايت ڪئي ته وڻڪاري ۽ گرين ايرياز جي تحفظ جي مهم ۾ مقامي ماڻهن جي ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ مراعتون ڏيڻ تي غور ڪيو وڃي.