اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان نائيجر جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سيني عُمارو جي قيادت ۾ پارلياماني وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ??ه پاڪستان ”لُڪ افريقا“ پاليسي تحت نائيجر سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ نائيجر جي وچ ۾ ٻطرفن معاشي ۽ واپاري لاڳاپن ۾ اضافي جي ضرورت آهي. صدر چيو ??ه پاڪستان هن سال نائيجر جي 100 شاگردن کي پاڪستان ۾ تعليم لاءِ اسڪالرشپ ڏيندو. هن چيو ??ه پاڪستان ۽ نائيجر جي وچ ۾ پارلياماني تعاون جي يادداشت سان ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ ڪاروبار جي فروغ لاءِ ترجيحي واپاري معاهدي جي ضرورت آهي. نائيجر جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سيني عُمارو چيو ??ه نائيجر پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي، نائيجر ڪاروبار، معيشت، واپار ۽ زراعت جي شعبن ۾ پاڪستان سان مضبوط لاڳاپا چاهي ٿو، جڏهن ته زرعي پ??داوار ۾ اضافي ۽ نهري نظام جي تعمير لاءِ پاڪستان جي مدد جو خواهشمند آهي. نائيجر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاڪستان پاران 100 اسڪالرشپس ۽ مهمان??از?? تي پاڪستان کي ساراهيو. ان موقعي تي هن صدر کي نائيجر جي دوري جي به دعوت ڏني.