اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته چونڊ سڌارا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ ۽ پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جو عمل جلد مڪمل ڪي?? وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها هدايت هن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جي ح??الي سان ٿيندڙ بريفنگ دوران ڏني. وزيراعظم کي چونڊ سڌارن جي ڏس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال ۽ قانونسازي جي ح??الي سان ه?? وقت تائين ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريف??گ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو چونڊ عمل ۾ استعمال ۾ شفافيت ۽ سڀني آئيني گهرجن کي پورو ڪرڻ جي هدايت ڏيندي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته موجوده حڪومت ملڪ جي چونڊ عمل ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ جي ح??الي سان پرعزم آهي.