اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف مڪتبه فڪر جي 14 عالم سڳورن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ رمضان المبارڪ ۾ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ عالم سڳورن کي پنهنجو ڪردار ??دا ڪرڻ جي اپيل ڪئي. ايو??ن صدر جي ميڊيا ونگ جي پڌرائي موجب صدر عارف علوي ڪورونا جي خاتمي جي احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد جي لاءِ مختلف مڪتبه فڪر جي عالم سڳورن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ان موقعي تي صدر چيو ته رمضان المبارڪ دوران عالم سڳورا پنهنجي پنهنجي اثررسوخ و??رن علائقن ۾ ڪورونا جي خاتمي جي تدبيرن تي خاص طور تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ ڪردار ??دا ڪن. هن چيو ته عالم سڳورا ماڻهن کي ماسڪ پائڻ ۽ وبا جي روڪٿام لاءِ حڪومت سان تعاون جي تلقين ڪن.