اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ڪري رهيو آهي، ڀارت پاران والاري?? ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي ڪيل ظلمن ۽ انساني حقن جي پائمالين تي عالمي سطح تي آواز ??ٿارڻ جي لاءِ هو دنيا جي سمورن ملڪن جي 36 هزار پارليامينٽ ميمبرن ۽ چونڊيل نمائندن کي خط لکندو جن جي ذريع?? هو عالمي برادري جي چونڊيل نمائندن جو ڌيان والاري?? ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري بدترين رياستي دهشتگردي طرف ڇڪرائيندو. سينيٽ چيئرمين اهڙن خيالن جو اظهار تحريڪ ڪشمير برطانيا جي صدر راجا فهيم ڪياني سان ملاقات دوران ڪيو.