اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پرڏيهي ميڊيا کي خيبرپختونخوا ۾ گمراهه ڪندڙ بريفنگ ڏني پئي وڃي، پي ٽي آءِ ملڪي سالميت خلاف آهي ان جو ڪو به احتجاج پرامن نه ٿيو، احتجاج ۽ ڌرڻن کانسواءِ انهن جو ڪو به ڪم ناهي، ڏڦيڙ پکيڙيندڙ ٽولي هميشه رياست ۽ عوام کي نقصان پهچايو، هي لاشن جي سياست ڪرڻ چاهين ٿا. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخوا جي وزيراعليٰ علي امين گنڊا پور جا الزام ڪوڙا ۽ جهيڙي تي ٻڌل آهن، پرڏيهي ميڊيا کي خيبرپختونخوا ۾ گمراهه ڪندڙ بريفنگ ڏني پئي وڃي، ان حوالي سان حقيقتون عوام جي علم ۾ هجڻ گهرجن. هن چيو ته ڏڦيڙ پکيڙيندڙ ٽولي جي شرپسندي ۽ ملڪ دشمني کلي سڀني سامهون اچڻ گهرجي، ڦڙڪيون هڻندڙ، ڌمڪيون ڏيندڙ ۽ الزام لڳائڻ جو سلسلو اڄ کان ناهي، ان جي ليڊر جو به اهو ئي ڪم رهيو آهي. 2014ع ۾ هن پي ٽي وي تي حملو ڪيو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جوانن کي نشانو بڻايو، پارليامينٽ جو دروازو ٽوڙيو، وفاقي وزير چيو ته هي ماڻهن کي تشدد تي ڀڙڪائي پاڻ ڀڄي ويندا آهن. وفاقي وزير چيو ته علي امين گنڊاپور ڪالهه وري چيو آهي ته هاڻي ايندڙ احتجاج جو سڏ پرامن نه هوندو، سوال هي آهي ته اوهان جو ان کان اڳ ڪهڙو احتجاجي سڏ پرامن هو؟ احتجاج ۽ ڌرڻن کانسواءِ انهن جو ڪو به ڪم ناهي. 26 نومبر تي ڏڦيڙ جي ڪال ڏئي اوهان ڪاهه ڪئي ۽ لاش ڪيرائڻ جو ارادو ڪيو هو، هن چيو ته پهرين 12 سئو لاشن جو ڪوڙو بيانيو ، پوءِ آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي ڪوڙيون تصويرون سوشل ميڊيا تي پکيڙيون ويون، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ڪارڪنن جو پاڪستان مخالف ماڻهن سان رابطو آهي، ڀارتي فوج جي هڪ ميجر ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جي هڪ ئي ايجنڊا آهي، ٻئي پاڪستان جي هٿياربند فوج خلاف آهن. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ هميشه ملڪي سالميت لاءِ خلاف رهي آهي، هن ڪڏهن به پرامن احتجاج جو سڏ نه ڏنو. جيڪڏهن اهي پرامن هجن ها ته ڪلاشنڪوفون، اسٽين گنز، گرنيڊ، ڳوڙها آڻيندڙ شيلز ۽ غليلن سان اسلام آباد تي ڪاهه نه ڪن ها. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به پي ٽي آءِ کي احتجاج جي اجازت نه ڏني هئي، تحريڪ انصاف جي پنهنجي ئي ورڪرن پٿراءُ ڪيو، علي امين گنڊاپور جي گارڊن جي فائرنگ جا ثبوت دنيا ڏسي چڪي آهي، ماڻهو اوهان کي گاريون ڏنيون، بوتلون اڇلايون، بشريٰ بي بي اوهان جي گاڏي تي پٿراءُ ڪرايو، اهو گاڏي اندران هدايتون ڏئي رهي هئي ته ڊي چوڪ وڃڻو آهي، بيلاروس جي صدر جي دوري کي نقصان پهچائڻو آهي، پارليامينٽ جي عمارت تي حملو ڪرڻو آهي، بشريٰ بي بي ماڻهن کي چيو ته علي امين گنڊاپور کي ڊي چوڪ وڃڻ تي ڀڙڪايو، اتي بشريٰ بي بي پٿراءُ ڪرايو، علي امين گنڊاپور کي گاريون به ڏياريون، ان مان ظاهر ٿيئ ٿو ته هو ڪهڙي قسم جي سياست ۾ ملوث آهن. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته علي امين گنڊاپور ۽ بشريٰ بي بي پنهنجي ڪارڪنن کي ڊي چوڪ تي اڪليو ڇڏي ڇو ڀڄي ويا؟ هن چيو ته جيڪا ڊوڙ لڳائي هاڻي ان کان لڪڻ لاءِ بهانا ڪيا ويا پيا وڃن، هي سياسي، اخلاقي ۽ انتظامي طور ناڪام ٿي چڪا آهن، صوبي جا معاملا انهن کان سنڀالي نٿا سگهجن، جڏهن سندن ورڪرن ملتان ۾ ڀاڄ دوران مري ويا هئا ته پي ٽي آءِ جو باني پوءِ به تقرير ڪري رهيو هو، تڏهن اوهان کي خيال نه آيو، هاڻي لاشن ۽ ڪوڙ جي سياست جو سهارو وٺي رهيا آهيو، وفاقي وزير چيو ته 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو قوم ڪڏهن به نه وساريندي، 9 مئي جي جوابدارن کي قانون جو منهن ڏسڻو پوندو. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ وارا ادارن خلاف ڪوڙي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن. اسان جي فوج دنيا جي بهترين فوج آهي، پوري دنيا جي ڪيڊٽس هتي ٽريننگ لاءِ ايندا آهن. پي ٽي آءِ هٿياربند فوج کي سياست ۾ گهلڻ چاهي ٿي. هن چيو ته جڏهن هنن فوجي پراڊڪٽس جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي، عسڪريت بئنڪ ۽ فوجي فوڊز جا شيئرز به مٿي هليا ويا آهن، جيڪڏهن فوجي پراڊڪٽس جو بائيڪاٽ ڪرڻو هو ته سڀ کان پهرين پي ٽي آءِ جو باني ڪري ها. ڪوڙ ، منافقت جي سياست اوهان کي سونهي نٿي. وفاقي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو آهي ته 26 مئي جي حملن ۾ ملوث ماڻهن جو فوجي ٽرائيل جاري رهندو. هن چيو ته سادي منطق آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ريلوي ۾ ڪنهن ڏوهه ڪيو آهي ته ريلوي پوليس ان خلاف ڪارروائي ڪندي، جيڪڏهن ڪنهن ايئرپورٽ تي ڏوهه ڪيو آهي ته ايئرپورٽ سيڪيورٽي فروس ان خلاف ڪارروائي ڪندي، اهڙي طرح جيڪڏهن پاڪ فوج جي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو ته ان لاءِ فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلايو ويندو. هن چيو ته ڪنهن به اداري جي حد ۾ ڪو ڏوهه ٿيندو ته هو پنهنجي قانون موجب ان کي ڏسندا، هر اداري جا قانون ۽ ضابطا آهن. وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف قوم جي ٻارن کي ڀڙڪايو، هي ملڪ دشمن ڌرين جي فنڊنگ سان فوج خلاف ڊجيٽل ميڊيا مهم هلائي رهيا آهن ۽ هر قسم جي آرٽيفيشل انٽيليجنس جا ذريعا استعمال ڪري رهيا آهن. اهڙين ڌرين خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي وڃي. وفاقي وزير چيو ته اهي ماڻهن کي استعمال ڪندا آهن ۽ پاڻ موقعي تان ڀڄي ويندا آهن ۽ ماڻهن کي جيلن ۾ سڙڻ لاءِ اڪيلو ڇڏي ويندا آهن، 9 مئي تي به انهن جي ليڊرشپ ڀڄي وئي هئي، والدين پنهنجي ٻارن کي سمجهائين ته انهن جي ڏٽن ۾ نه اچن، هنن ماڻهن کي 9 مئي ۽ 26 نومبر تي استعمال ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ سپهه سالار موجود آهي جيڪو ملڪ لاءِ نيڪ نيتي رکي ٿو ۽ چاهي ٿو ته ملڪ ترقي ڪري. هو فوج کي پروفيشنل فورس طور وڌيڪ فعال ڪري رهيو آهي، هن چيو ته تحريڪ انتشار ملڪ کي مضبوط ٿيندي ڏسڻ نٿي چاهي، هي ملڪ کي بدنام ڪن ٿا ته هتي ڪريڪ ڊائون هجي. جڏهن اوهان ڏوهه ڪندا ته ڪريڪ ڊائون ٿيندو، اوهان قتل ڪندا يا ڦر ڪندا ته ان جي سزا آهي، اوهان ايترا لاڏلا آهيو جو اوهان کي ڇڏيو وڃي؟ هن چيو ته پوليس ۽ رينجرز جا جوان شهيد ٿيا، انهن جو رت ڪنهن جي هٿن ۾ ڳوليون، ڇا اوهان ماڻهن فائرنگ نه ڪئي؟ ڇا اوهان انهن تي گاڏيون نه چاڙهيون؟ هاڻ پنهنجي ناڪام لڪائڻ لاءِ عالمي ميڊيا کي آڻي رهيا آهن ۽ ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو. جيڪڏهن اوهان سچا هجو ها ته اوهان کي لاشن جي ڪوڙي ڪهاڻي نه گهڙڻي پوي ها. هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن وٽ لائيو ايمونيشن نه هو، ڊائريڪٽ فائرنگ نه ڪنهن به نه ڪئي جڏهن ته علي امين گنڊاپور جي گارڊن فائرنگ ڪئي. وفاقي وزير چيو ته بدقسمتي سان ڪالهه هتي ڪوڙي خبر شايع ڪئي وئي جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته 150 صحافين سان گرفتاري وارا وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن، هن چيو ته صرف 3 کان 4 صحافي اهڙا آهن جن تي ڪيسز آهن، باقي پي ٽي آءِ جا سياسي ڪارڪن هئا جن ماڻهن کي تشدد تي ڀڙڪايو. هن چيو ته ان خبر جي ترديد ڪريون ٿا، هن ميڊيا تي ذميواراڻي صحافت جي ضرورت تي زور ڀريو.