اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) حڪ??متي اتحاد ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دؤر ڪالهه مڪمل ٿي ويو، جنهن کان پوءِ گڏيل پڌر??ئي??َ جاري ڪئي وئي. حڪ??متي اتحاد ڪميٽيءَ جي ترجمان سينيٽر عرفان صديقي گڏيل پڌر??ئي??َ پڙهي ٻُڌائي جنهن ۾ ٻُڌايو ويو ته ڳالهين واري ٽيمن وچ ۾ ٻئي اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب، ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور، سلمان اڪرم راجا، اسد قيصر، راجا ناصر عباس، صاحبزاده حامد رضا، جڏهن ته حڪ??متي اتحاد پاران نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، سينيٽر عرفان صديقي، اڳوڻو اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن سيد نويد قمر، ڊاڪٽر فاروق ستار، اعجاز الحق، خالد حسين مگسي، وفاقي وزير عبدالعليم خان شريڪ ٿيا. پي ٽي آءِ ڪميٽيءَ جي سربراهه عمر ايوب خان ۽ ٻين ميمبرن تفصيل سان پنهنجو مؤقف پيش ڪيو. هن پي ٽي آءِ جي باني سميت پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو. هنن اهو به چيو ته حڪ??مت کي ضمانتون حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽون نه وِجهڻ گهرجن. هن 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن تي جوڊيشل ڪميٽي بنائڻ جو مطالبو ڪيو ته جيئن حقيقتون پوريءَ طرح آڏو اچي سگهن. پي ٽي آءِ ڪميٽيءَ آگاهه ڪيو ته لکت ۾ چارٽر آف ڊيمانڊ پيش ڪرڻ لاءِ اسان کي اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات، صلاح مشوري ۽ رهنمائي حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي. هنن چيو ته عمران خان ڳالهين وارو عمل شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي تنهنڪري ان کي هاڪاري طريقي سان جاري رکڻ لاءِ سندس هدايتون تمام ضروري آهن. پي ٽي آءِ ڪميٽي پاران عمران خان سان صلاح مشوري ۽ رهنم??ئي??َ کان پوءِ ايندڙ گڏجاڻي ۾ چارٽر آف ڊيمانڊ باقاعده لکت جي شڪل ۾ پيش ڪيو ويندو. حڪ??متي اتحاد طرفان نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته گذريل ميٽنگ ۾ ڪيل فيصلن تحت اسان کي اميد آهي ته اڄ پي ٽي آءِ لکت ۾ پي ٽي آءِ ڪميٽي عمران خان کان رهنمائي حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو چارٽر آف ڊيمانڊ آڻيندي ته جيئن ٻئي ڪميٽيون معاملن کي سهڻي انداز سان اڳيان وڌائي سگهون. طئي ٿيو ته پي ٽي آءِ ڪميٽي جي عمران خان سان ملاقات کانپوءِ ايندڙ هفتي ٻنهي ڪميٽين جي ٽين ويهڪ جي تاريخ جو تعين ڪيو ويندو. جڏهن ته اُن کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڪميٽي ۾ ڳالهائيندي چيو ته هيءَ ڳالهين واري ڪميٽيءَ جو ٻيو اجلاس آهي، پهرين ڪميٽيءَ ۾ اسان جا ڪجهه ساٿي موجود نه هئا، پهرين ڳالهين واري ڪميٽي تمام سٺي ماحول ۾ منعقد ٿي هئي. پهرين ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ بحث هيٺ آيل معاملن تي عملدرآمد ڪيو ويو. هن چيو ته منهنجو ڪردار فقط هڪ سهولت ڪار جي آهي، اميد ڪريان ٿو ته ڳالهين واري ڪميٽي ۾ شريڪ ڌُريون ڳالهين کي هاڪاري انداز ۾ هلائينديون. منهنجي ڪوشش آهي ته ملڪ کي درپيش دهشتگردي، معيشت سميت اهم اشوز کي به ان ڪميٽيءَ ۾ غور هيٺ آندو وڃي، اسان سڀ پاڪستاني آهيون، پاڪستان جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي اسان جي ذميواري آهي. اسپيڪر چيو ته ملڪ کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.