اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد ??سحاق ڊار ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم آنجهاني ڊاڪٽر منموهن سنگهه جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. نائب وزيراعظم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته ڊاڪٽر منموهن سنگهه جي لاڏاڻي ج?? خبر ??ڌي افسوس ٿيو. پاڪستان جي ??ڪوال ضلعي ج?? هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندڙ ڊاڪٽر منموهن سنگهه هڪ ناليوارو اقتصاديات جو ماهر ۽ سياسي اڳواڻ هو. آنجهاني کي سندس دانشمندي ۽ نرم مزاجي ج?? طور تي ياد رکيو ويندو. سينيٽر اسحاق ڊار چ??و ته اقتصاديات جي ميدان ۾ پنهنجي نمايان ڪاميابين کان هٽي ڪري ڊاڪٽر منموهن سنگهه علائقائي امن جي فروغ جي لاءِ عزم رکندو هو، علائقائي مسئلن تي سندس موقف سندس ان يقين جي عڪاسي ڪندو هو ته گڏيل افهام تفهيم، ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون گڏيل ترقي ج?? لاءِ ضروري آهي. هن بطور وزيراعظم پنهنجي دور ۾ پاڪ ڀارت ٻطرفن لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۾ ذڪر جوڳو ڪردار ادا ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد ??سحاق ڊار چ??و ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت ڊاڪٽر منموهن سنگهه جي ??هرڀاتين ۽ ڀارتي حڪومت ۽ عوام سان پنهنجي دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو.