راولپنڊي – 20 – ڊسمبر (اي پي پي( ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ايمپلائيز يونين جي صدر ملڪ خضر جو سهرو انجنيئر عبدالڪريم خان لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم جي جنازي نماز سيٽلائيٽ ٽائون راولپنڊي ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي، اي پي پي جي مختلف شعبن جي سربراهن، صحاف??ن، سوڳوار خاندان جي ڀاتين سميت علائقي جي معززين جي وڏي انگ ش??ڪت ڪئي. اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي پنهنجي تعزيت?? بيان ۾ مرحوم جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته انجنيئر عبدالڪريم خان هڪ نيڪ ۽ مخلص انسان هو. هن مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. هن اي پي پي ايمپلائيز يونين جي صدر ملڪ خضر سان جنازي نماز کانپوءِ ملاقات ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو. جنازي نماز جي موقعي تي صحافين ۽ ش??ڪت ڪندڙن به مرحوم جي شخصيت ۽ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. انجنيئر عبدالڪريم خان جي لاڏاڻي تي اي پي پي ملازمن سندس گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو.