اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آص?? علي زرداري پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اقتصادي ۽ و??پا??ي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي عوام خاص طور تي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻا پوندا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن بلاول هائوس ڪراچي ۾ چين جي ڪاروباري وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزيرن ۽ چين جي قو??صل جنرل شرڪت ڪئي. صدر پاڪستاني معيشت جي مختلف شعبن ۾ چي??ي سيڙپڪاري وڌائڻ تي زور ڏنو. وفد ملڪي صحت جي شعبي جي ترقي جي لاءِ پاڪستان ۾ ميڊيڪل سٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وفد معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي زراعت، لائيو اسٽاڪ، توانائي، ٽرانسپورٽ ۽ مينوفيڪچرنگ ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار پڻ ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گهرا ۽ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ چين اهم معامل?? تي گڏيل مفاد ۽ خيال رکن ٿا. صدر آص?? علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪ?? تي ٻڌل گهري دوستي آهي، گوادر پورٽ کي هڪ علائقائي و??پا??ي ۽ اقتصادي مرڪز جي طور تي ترقي ڏيڻ منهنجو ويزن هو. هن چيو ته گوادر بندرگاهه سان نه رڳو علائقائي رابطا بهتر ٿيندا پر علائقائي و??پا?? ۽ اقتصادي تعاون کي پڻ فروغ ملندو،م پاڪستاني چي??ي سيڙپڪارن کي ڀليڪار چوندو. صدر چيو ته پاڪستان چين سان اقتصادي لاڳاپن ۽ ڪاروبار کي ترجيح ڏيندو، پاڪستان چي??ي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت ۽ مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. صدر چيو ته سنڌ ۾ چيني زبان جا ڪورسز متعارف ڪرايا ويا آهن، چيني زبان جا ڪورسز پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي رابطا مضبوط بڻائڻ طرف هڪ اهم قدم ثابت ٿيندو.