اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ عدم ??يروي ۽ ٻ??ن سببن جي بنا تي ڪيترائي ڪيس اُڪلائي ڇڏيا. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي آئيني بينچ آئيني معاملن بابت گذريل ڏينهن ڪيترن ??ي ڪيسن جي ٻُڌڻي ڪئي ۽ اڪثر ??رخ??استن کي ڪنهن نه ڪنهن سبب سان رد ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ ??رخ??استن کي دائمي ترتيب ۾ ٻُڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪيو ۽ اڪثر پُراڻن ڪيسن جا ??رخ??استگذارن ??رفان عدم ??يروي سبب انهن کي اُڪلائڻ جا قدم جاري رکيا. آئيني بينچ عام چونڊ 2024ع ۾ مبينه ڌانڌليءَ بابت 3 ??رخ??استون عدم ??يروي سبب اُڪلائي ڇڏيون. ٻُڌڻي شروع ٿيڻ تي ??رخ??استگذار عبدالقيوم خان، محمود اختر نقوي ۽ ميان شبير عدالت ۾ موجود نه هئا. آئيني بينچ پي ٽي آءِ باني طرفان داخل ??رخ??است جي ٻُڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، جنهن جي ٻُڌڻي هاڻي سپريم ڪورٽ ۾ سياري جي موڪل کانپوءِ ٿيندي. پي ٽي آءِ بانيءَ جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ فيبروري 2024ع ۾ ٿيل عام چونڊ ۾ مبينه ڌانڌليءَ خلاف پنهنجي ??رخ??است کي ملتوي ڪرڻ جي گذارش ڪئي جنهن تي بينچ ??رخ??است منظور ڪري ورتي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ آئيني بينچ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج مظاهر علي اڪبر نقوي جي پاڪستان جوڊيشل ڪميشن طرفان ان کي شوڪاز نوٽيس جي خلاف ??رخ??است تي به اُڪلائي ڇڏي. واضح رهي ته مظاهر علي نقوي کي پاڪستان جوڊيشل ڪميشن بدانتظامي جي بنياد تي سپريم ڪورٽ جي جج جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو. مظاهر نقوي جي وڪيل عدالت ۾ گذارش ڪئي ته سندس مؤڪل سان رابطو قائم ناهي ٿيو ۽ رابطو ڪرڻ ۽ مشوري لاءِ وقت ڏنو وڃي، جڏهن ته عدالت ان ??رخ??است کي رد ڪري ڇڏيو ته ڪيس ۾ ڪابه نئين اڳڀرائي ناهي ٿي ۽ پاڪستان جوڊيشل ڪميشن پهريائين کي پنهنجو فيصلو ٻُڌائي چڪي آهي.