اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آ??ي ته اسرئيل ??ي فوج فلسطين گذريل ھڪ سال کان ظلم ۽ بربريت جي انتھا ڪري ڇڏي آھي.سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين چيو آ??ي ته غزه پٽي ۽ والاريل فلسطيني علائقن ۾ اسرائيلي فوج ??رفان وحشياڻي بمباري ۽ قبضي کي ھڪ سال مڪمل ٿي ويو آ??ي. ھن چيو ته پاڪستاني عوام پاران پنھن??ي فلسطيني ڀائرن سان يڪجھتي جو اظھار ڪيون ٿا. اسرائيلي فوج گذريل ھڪ سال کان ظلم ۽ بربريت جي انتھا ڪري ڇڏي آھي. عالمي برادري کي فلسطينين جي حالتن تي ڏيان ڏيڻ ۽ تڪرار جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل لاءِ ڪم ڪرڻ ??ي فوري ضرورت آھي. اسرائيل طرفان فلسطيني زمين تي ناج??ئز قبضو عالمي قانون جي کليل ڀڃڪڙي آھي. عالمي برادري علائقي ۾ پائيدار امن لاءِ سازگار ماحول کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ ڪم ڪري. سينيٽ چيئرمين چيو ته فلسطيني عوام جي ج??ئز خواھشن کي تسليم ڪيو وڃي.