اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پاڪست??ن جي آثار قديمه ۽ تهذيبي ورثي جي تحفظ ۽ ان کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آ??ي ته ملڪ جي ڀرپور ۽ گهڻ رخي تاريخ ۽ تهذيبي ميراث فخر جو سبب آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊي (آءِ ايس ايس آءِ) جي اهتمام هيٺ ”پاڪست??ن جي آثار قديمه ۽ تهذيبي ورثي“ جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ سفارتڪارن، ثق??فت?? ماهرن ۽ تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي. پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ملڪ جي ڀرپور ۽ گهڻ رخي ورثي تي پنهنجي گهري فخر جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سنڌ جي واديءَ ۽ گنڌارا جي قديم تهذيب موجوده پاڪستان ۾ وڌيون ويجهيون آهن. پرڏيهي سيڪريٽري آثار قديمه ۽ تهذيبي ورثي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ان قديم ثق??فت?? ۾ جدت، لچڪ ۽ گڏيل بقاءَ جا قدر اڄ به موجود آهن. هن سياحت ۽ ترقي جي لاءِ متوازن موقف اختيار ڪرڻ جي ذڪر ڪندي چيو ته پاڪست??ن جا ثق??فت?? اثاثا ايندڙ نسلن جي لاءِ محفوظ آهن. هن ان موضوع تي ڌيان ڏيڻ جي انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊي (آءِ ايس ايس آءِ) جي قدمن کي ساراهيو. پرڏيهي سيڪريٽري يقين ڏياريو ته پرڏيهي آفيسر انهن ڪوششن ۾ هڪ پرعزم اسٽيڪ هولڊر ۽ حصيدار رهندا ۽ پاڪست??ن جي گڏيل ميراث جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ مقامي ڪميونٽيز ۽ عالمي ماهرن سان گڏجي ڪم ڪندا. ان کان اڳ افتتاحي اجلاس کي سينيٽر مشاهد حسين سيد ۽ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي سيڪريٽري حسن ناصر جامي به خطاب ڪيو.