اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري رزمڪ، اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن کي ساراهيندي ??يو آهي ته دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رهنديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري پنهنجي ب??ان ۾ ??يو ته سيڪيورٽي فورسز بهادري ۽ جرئت جو مظاهرو ڪندي 8 خوارجن کي م??ريو. دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. صدر ??يو ته معصوم شهرين جي جان ۽ مال جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو ويندو.