اسلام آباد -16 سيپٽمبر (اي پي پي) ترڪمانستان، چين پا??ست??ن اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت گوادر بندرگاهه تائين رسائي حاصل ڪن??ڙ پهريون وچ ايشيائي ملڪ هوندو. اختيارين مطابق گوادر بندرگاهه سي پيڪ جي مرڪز ۾ واقع آهي، جيڪو چين جي بيلٽ اينڊ روڊ قدم جو هڪ حصو آهي جنهن تحت بيجنگ پا??ست??ن ۾ انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جي منصوبن ۾ 60 بلين ڊالرز کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري جو وعدو ڪيو آهي. ان جو مقصد پا??ست??ن ۾ روڊن، ريلوي، پائيپ لائينن ۽ بندرگاهن جي نيٽ ورڪ ذريعي چين کي عربي سمنڊ سان ڳنڍڻ ۽ اسلام آباد کي پنهنجي معيشت کي هٿي ڏيڻ ۽ جديد ??ڻا??ڻ ۾ مدد ڪرڻ آهي. ريڊيو پا??ست??ن رپورٽ ۾ چيو آهي، ته پا??ست??ن ۽ ترڪمانستان جلد ئي ان سلسلي ۾ هڪ معاهدي تي صحيحيون ڪن??ا. رپورٽ ۾ چيو وي?? ته حڪومت سي پيڪ تحت گوادر پورٽ ۽ ترڪمان باشي پورٽ وچ ۾ معاهدي جي مسودي جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي. پا??ست??ن ۽ ترڪمانستان پهرين ئي مختلف گڏيل منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهن، جن ۾ ترڪمانستان- افغانستان- پا??ست??ن- ڀارت (تاپي) گئس پائيپ لائين، ريلوي ٽريڪ ۽ فائيبر ڪنيڪٽوٽي شامل آهن، ته جيئن ڏکڻ ۽ وچ ايشيا کي ملائي سگهجي. پا??ست??ن پنهنجي اسٽريٽجڪ جيو پوليٽيڪل پوزيشن مان فائدو کڻڻ ۽ وچ ايشيائي ملڪن کي باقي دنيا سان ڳنڍيندڙ هڪ اهم واپاري ۽ ٽرانزٽ حب طور پنهنجي ڪردار کي وڌائڻ جي اميد رکي ٿو.