اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب بجلي ۽ توانائي جي ش??بي جي نئين سر جوڙجڪ جي حوالي سان حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم جي ويزن موجب ٽن ڊسڪوز جي نجڪاري جي عمل جي شروعات ڪئي وئي آهي، نجي ش??بي کي معيشت کي هلائڻ لاءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، حڪومت نجي ش??بي کي سهولتن جي فراهمي لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه هتي ڪي ا??يڪ??رڪ جي چيئرمين، بورڊ آف ڊائريڪٽرز مارڪ سڪيلٽن سان ملاقات ۾ ڪئي، جنه?? ۾ ??راچي جي رهواسين کي سستي ۽ جٽادار توانائي جي فراهمي يقيني بنائڻ، ڪي ا??يڪ??رڪ طرفان ڪراچي جي وڌندڙ توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ ڪمپني کي تجديد جوڳي توانائي جي ذريعن طرف منتقلي جي منصوبن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ميمبرن جاويد قريشي، مبشر ايڇ شيخ، مونس علوي، سي اي او عمران قريشي، چيف ريگيوليٽري افيئرز عامر غزيني، چيف فنانشل آفيسر ۽ ناڻي وزارت جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪي ا??يڪ??رڪ جي ٽيم ڪراچيءَ ۾ بجليءَ جي قيمت گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجي جنريشن مڪس ۾ تجديد جوڳي توانائي جي ذريعن کي شامل ڪرڻ جي منصوبن بابت بريفنگ ڏني. ٽيم ناڻي واري وزير کي ڪراچي جي رهواسين کي بهتر خدمتن جي فراهمي لا??ِ ڪي ا??يڪ??رڪ طرفان کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته بجلي ۽ توانائي جي ش??بي جي بهتريءَ لاءِ ڍانچه جاتي سڌارن تي عملدرآمد جاري آهي، ا?? ۾ ??سڪوز جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر جوڙجڪ، نجي ش??بي مان پيشوراڻي مهارت وارن ماڻهن کي آڻڻ، بورڊز جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ مجموعي خدمتن کي بهتر بنائڻ لاءِ سرڪاري نامزدگين جي انگ کي گهٽ ڪرڻ شامل آهي. انهن سمورن سرڪاري ڊسڪوز ۽ جينڪوز ۾ نجي ش??بي جي شرڪت يقيني بنائڻ لاءِ حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته وزيراعظم جي ويزن مطابق 3 ڊسڪوز جي نجڪاري جي عمل جي شروعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ته نجي ش??بي کي فعال بنائڻ ۽ انهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. ناڻي واري وزير ڪي ا??يڪ??رڪ طرفان توانائي جي پيداوار ۽ ڊسٽري بيوشن جي ڪمن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ۽ توسيع وارن قدمن کي ساراهيو. هن تجديد جوڳي توانائي جي ذريعن طرف منتقلي ۽ سستي توانائي جي پيداوار لا??ِ ڪوششن ۾ حڪومت طرفان مڪمل تعاون جي خاطري به ڪرائي.