اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار ??ي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته هلندڙ هفتي جي شروع ۾ پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي طور ڀ??رت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀ??رت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جا 5 سال مڪمل ٿيڻ ??ي موقعي تي ”استحصال ڏهاڙو“ ملهايو. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي قيادت کي خط لکي انهن جو ڌيان 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارتي قدمن جي سنگين نتيجن طرف ڇڪرايو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير ??ي ماڻهن کي پنهنجي ??ست??بل جو پاڻ فيصلو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي.