ڪوئيٽا-08 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چي?? آهي ته گوادر ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي سان ڳالهين ۾ مثبت اڳڀرائي سامهون ??ئي آهي، مسئلي جي جلد لاءِ پرُاميد آهيون، چمن مسئلي جي حل لاءِ ون ڊاڪيومينٽ رجيم تي عملدرآمد لاءِ چمن جي شهرين کي پهريون ڀيرو مفت پاسپورٽ ڏنو ويندو. اهڙو اظ??ار هن ڊپٽي ڪمشنر آفيس ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي سان پهرين ڏينهن کان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، هاڻ به ڳالهين جو مرحلو هلي رهي?? آهي، صوبائي حڪومت ان ڳالهه تي قائل آهي، آئين پاڪستان جي اندر رهندي جمهوري جدوجهد ڪندڙن سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جو نالو وٺڻ کانسواءِ هن چيو ته گوادر ڌرڻي جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهيون ??خري مرحلي ۾ آهن ج??د ڳالهين ذريعي مسئلي جو حل ڪڍيو ويندو