ڪراچي-11 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪالهه سي ٽي ڊي جي شهيد ڊي ايس پي عل?? رضا کي خر??ج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ڪريم آباد پهچي ويو. گهرو وزير محسن نقوي شهيد ڊي ايس پي جي رهائشگاهه تي سوڳوار خاندان سان ملاقات ڪئي. وارثن کي دلاسو ڏنو ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي شهيد ڊي ايس پي عل?? رضا لاءِ هلال شجاعت ۽ قا??د اعظم پوليس ميڊل ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هن جو چوڻ هو ته ڊي ايس پي عل?? رضا انتهائي بهادر پوليس آفيسر هو. قوم کي اهڙن جرئتمند پوليس آفيسرن تي ناز آهي. شهيد ايس ايس پي چوڌري اسلم کانپوءِ شهيد ڊي ايس پي عل?? رضا ڪراچي ۾ دهشتگردن جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي هئي. هن چيو ته اسان جو ايمان آهي ته شهيد زنده هوندا آهن ۽ شهيد ڊي ايس پي عل?? رضا هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهندو. ايڊيشنل آءِ جي پوليس يعق??ب ناصر، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي آصف اعجاز شيخ، ايس ايس پي سينٽرل ۽ سي ٽي ڊي جا آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا.