اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (ايڪنڪ) جو اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان ريلويز جي موجوده مين لائين (ايم ايل ون) جي اپ گريڊيشن کي ان هدايت سان ??يه?? ترميم ٿيل دائره ڪار تي منظور ڪيو ويو ته منصوبي جو پهريون مرحلو ڪراچي کان ملتان تائين 929 ڪلوميٽر ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو ويندو. ايڪنڪ فلڊ ريسپانس ايمرجنسي هائوسنگ پراجيڪٽ (فيز – 1) جي منصوبي جو جائزو وٺي ان جي منظوري ڏ??ي جنهن کي ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان قرض جي ذريعي فنڊ ڪيو ويندو، ان منصوبي جو مقصد سنڌ ۾ ٻوڏ کان متاثر 250000 کان وڌيڪ گهرن جي ڪميونٽي جي قيادت ۾ نئين سر تعمير جي ذريعي ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ آهي. قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي پاڻي جي شعبي جي چئن منصوبن تي پڻ غور ڪيو ۽ انهن جي منظوري ڏ??ي جنهن ۾ پنجاب حڪومت جو ڍوچه ڊيم جي تعمير (نظرثاني ٿيل) منصوبو شامل آهي. اهو منصوبو 35 ايم جي ڊيز پاڻي جي فراهمي جي ذريعي راولپنڊي ۾ پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڏي??دو. پاڻي جي شعبي جي منظور ٿيل ٻين منصوبن ۾ گومل زم ملٽي پرپز پراجيڪٽ، منگلا ڊيم پراجيڪٽ ۽ گولين گول هائيڊرو پاور پراجيڪٽ شامل آهن. اجلاس ”انٽيگريٽيڊ ٽرانزٽ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم جي ترقي“ جي پڻ منظوري ڏ??ي، ان منصوبي ۾ طورخم، چمن ۽ واهگه ۾ جديد ترين سرحدي ڪراسنگ پوائ??ٽس جي تعمير ۽ ترقي، لينڊ پورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ، ڪنٽينرائزڊ ڪارگو جي ڊيجيٽل اينڊ ٽو اينڊ ٽريڪنگ وغيره شامل آهن. ايڪنڪ ڪراچي نيبرهڊ امپروومنٽ پراجيڪٽ جي منظوري ڏ??ندي ان تي عملدرآمد جي مدي ۾ 31 ڊسمبر 2024ع تائين 6 مهينن جي واڌ ڪري ڇڏي، قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي پاڪستان افغانستان بارڊر باديني تي بارڊر ٽرمينل جي تعمير ?? سيف الله ضلعي ۾ مرغه فقيرزئي کان خان ڊگر مين باديني روڊ تائين 40 ڪلوميٽر ڊگهي رستي جي اپ گريڊيشن جي پڻ منظوري ڏ??ي.