اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسح??ق ڊار آذربائيجان جي صدر جي پ??ڪستان ??ي سرڪاري دوري جي تيارين ۽ انتظامن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن تي ڌيان ڏنو ويو. اجلاس ۾ واپار، منصوبابندي ۽ ترقي، نجڪاري ۽ مواصلات ۽ بجلي جي وزيرن کانسواءِ پاڪستان ۾ آذربائيجان ??ي سفير خضر فربادوف ۽ دفاع واري وزارت ??ي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.